پتڻ رڪڻ

پتڻ رڪڻ: دادو ضلعي ۾ هي پتڻ سنڌو درياهه جو مشهور ۽ تاريخي پتڻ ۽ ماضيءَ ۾ سنڌ جو وڏو شهر هو. هن جي قدامت مهين جي پتڻ جيتري چئي وڃي ٿي، رڪڻ شهر کي سنڌو درياهه ست ڀيرا ٻوڙيو هو، پر هر دفعي پائجڻ کان پوءِ وري به سنڌو درياهه جي ڪناري سان اڳئين کان اڳرو شهر ٻڌرايو ويندو هو. پهريون رڪڻ سنڌو درياهه جي اوڀر ۾ مٺياڻي۽ ٺٽ ڳوراهي کان اولهه طرف وچ تي هو. چوٿون نمبر رڪڻ تمام وڏو شهر ۽ وڏو بندر هو. هن بندر جا ٻيڙيائتا مشهور هئا. جن جا سامونڊي ٻيڙا، جن کي غوراب، واهڻ يا واڻ چوندا هئا، سنڌ جي ٽن بندرن رڪڻ، مانجھو ۽ شاهه بندر تي ٺهندا هئا. اهي غوراب دنگيءَ جي نموني هوندا هئا ۽ ان قسم جي نموني وارا ٻيڙا سمنڊ جي ڇولين جو زور جھلي سگھندا هئا. سنڌو درياهه به ان زماني ۾ پاڻيءَ جي لحاظ کان سمنڊ لڳندو هو. آرڪيالاجي جا ماهر چون ٿا ته سنڌ ۾ پنجن ميلن کان وڏو ڌرتيءَ جو ٽڪر نه ملندو، جنهن کي سنڌو درياهه نه اٿلايو هجي. کيرٿر جبلن کان راجسٿان تائين سنڌوءَ پنهنجا وهڪرا بدلايا آهن. منڇر ڍنڍ به درياهه جو پيٽ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو